انقره: (اربع: 08 فيبروري 2023ع) ترڪيه ۽ شام ۾ تباهي آڻيندڙ زلزلي سبب فوتين جو انگ 8 هزار کان وڌي ويو آهي. ترڪيه ۾ 5 هزار 894 ۽ شام ۾ 2 هزار 470 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.
آمريڪي جيولوجيڪل سروي موجب سومر تي ايندڙ 7.8 شدٽ جي زلزلي کان پوءِ 7.6 شدت جي هڪ ٻئي زلزلي وڌيڪ تباهي آندي. زلزلي جا جهٽڪا، قبرص، يونان، شام، اردن، لبنان ۽ فلسطين ۾ به محسوس ڪيا ويا جڏهن ته تباهي آڻيندڙ زلزلي کان پوءِ 300 کان وڌيڪ آفٽر شاڪس اچي چڪا آهن.
ملبي هيٺيان اڃان تائين ڪيترن ئي ماڻهن جي ڦاٿل هجڻ جو امڪان آهي. انهن کي ڪڍڻ جي لاءِ ڏينهن رات ريسڪيو آپريشن جاري آهي پر سخت سيءَ ۽ علائقن ۾ برفباري سبب متاثرين کي ڏکين حالتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ۽ امدادي ڪاررواين ۾ به پريشانيون پيش اچي رهيون آهن.
ترڪيه ۾ عمارتن جي ملبن مان 8 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي ڪڍيو ويو آهي. ترڪ صحت واري موجب زلزلي سبب 32 هزار کان وڌيڪ ماڻهو زخمي آهن ۽ متاثر علائقن ۾ 4 هزار 775 عمارتون تباهه ٿي چڪيون آهن. زلزلي ۾ فوت ٿي ويلن ۾ 57 فلسطيني به شامل آهن. جڏهن ته شام ۾ زخمين جو انگ 8 هزار کان وڌيڪ ٻڌايو پيو وڃي.