news-details

شهيد بينظير ڀٽو قتل ڪيس جون اپيلون ساڍن 5 سالن کان پوءِ ٻڌڻي لاءِ مقرر

راولپنڊي: (اربع: 08 فيبروري 2023ع) اڳوڻي وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو قتل ڪيس جون اپيلون ساڍن 5 سالن کان پوءِ ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪيون ويون آهن.
چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ خصوصي ڊويزن بينچ جوڙي ڇڏي آهي جنهن ۾ جسٽس صداقت علي خان ۽ جسٽس مرزا وقاص رئوف شامل آهن.
خصوصي بينچ سڀاڻي 9 فيبروري خميس تي هن ڪيس بابت 8 اپيلن تي ٻڌڻي ڪندو. ان سلسلي ۾ آصف زرداري، بري ٿيل پنج جوابدارن، مرحوم جنرل(ر) پرويز مشرف ۽ سزا يافته پوليس آفيسرن کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. پرويز مشرف جي وفات کان پوءِ سندس خلاف اپيل رد ٿيڻ جو امڪان آهي.
پرويز مشرف هن ڪيس ۾ اشتهاري آهي ۽ ان جا دائمي گرفتاري وارنٽ جاري ٿيل آهن. ڪيس جا 3 جوابدار اعتزاز، شير زمان ۽ حسنين آزاد آهن جيڪي پاڻ پيش ٿيندا جڏهن ته هڪ بري جوابدار عبدالرشيد اڃان تائين اڊيالا جيل ۾ قيد آهي. جڏهن ته پنجون جوابدار جوابدار رفاقت اڃان تائين گم آهي.
ٻئي پوليس آفيسر سعود عزيز ۽ خرم شهزاد ضمانت تي آهن. ٻنهي کي 17-17 سال قيد ۽ 10-10 لک روپيه ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي هئي.