ملڪ لاءِ وڪيٽ حاصل ڪرڻ رفتار کان وڌيڪ اهم آهي: شاهين

news-details

ڪراچي: (ڇنڇر: 27 مئي 2023ع) پاڪستان ٽيم جي اسٽار فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي چيو آهي ته مُلڪ لاءِ وڪيٽ وٺڻ اسپيڊ کان وڌيڪ اهم آهي پر وقت ۽ ٿيندڙ ميچن سان گڏوگڏ سٺي بالر جي اعتماد ۾ پڻ وڌارو ايندو آهي.
ڪرڪيٽ ويب سائيٽ ڪرڪ انفو کي انٽرويو ڏيندي شاهين شاهه پنهنجي اسپيڊ جي حوالي سان گردش ڪندڙ بيانن بابت ڳالهائيندي چيو ته هر ماڻهو جو پيس جي حوالي سان پنهنجو، پنهنجو نظريو آهي.
هن چيو ته جڏهن اوهان 110 جي اسپيڊ سان بالنگ ڪري رهيا آهيو ۽ وڪيٽون وٺي رهيا آهيو ته اوهان مطئمن هوندا آهيو.
فاسٽ بالر چيو ته هو وڪيٽون وٺي رهيو آهي ۽ ميدان ۾ 100 سيڪڙو ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان جيڪو اسپيڊ کان وڌيڪ اهم آهي اسپيڊ سان ڪو فرق نٿو پوي.
ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۽ انجري جي حوالي سان ڳالهائيندي شاهين جو چوڻ هو ته مان عالمي ڪپ کان ٻه مهينا اڳ انجري جو شڪار ٿي ويو هيس جنهن بعد ميدان ۾ واپسي ۾ وقت لڳو.
هن چيو ته هڪ رانديگر کيڏيل ميچن دوران فٽنس ۾ بهتري محسوس ڪندو آهي، مان به پي ايس ايل کان پاڻ کي وڌيڪ بهتر محسوس ڪري رهيو آهيان.
فاسٽ بالر وڌيڪ چيو ته اسپيڊ ۾ گهٽتائي ضرور آئي آهي پر وقت سان گڏوگڏ ان ۾ بهتر پڻ ايندي، مستقبل ۾ پاڪستان لاءِ ڪاميابين ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ چاهيان ٿو.