ملڪ ساڙيندڙ دهشتگردن سان ڪي ڳالهيون نه ٿينديون: نواز شريف

news-details

لنڊن: (ڇنڇر: 27 مئي 2023ع) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر نواز شريف چيو آهي ته شهيدن جي يادگارن کي ساڙيندڙ تخريبڪارن سان ڳالهيون نه ٿينديون.
ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ نواز شريف چيو ته ڳالهيون رڳو سياستدانن سان ڪيون وينديون آهن، ملڪ کي باهه ڏيندڙ دهشتگردن سان ڪي ڳالهيون نه ٿينديون.
ياد رهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان حڪومت سان ڳالهين لاءِ 7 رڪني ٽيم جوڙي آهي.