انقره: (آچر: 28 مئي 2023ع) ترڪيه ۾ صدارتي چونڊن جي ٻئين مرحلي ۾ ووٽنگ جو عمل جاري آهي. پهرين مرحلي جي ووٽنگ ۾ ڪوبه اميدوار 50 سيڪڙو ووٽ حاصل نه ڪري سگهيو هو. صدر اردوان کي 49.5 ۽ ڪمال ڪليچ داراولو کي 44.9 سيڪڙو ووٽ مليا هئا.،
رن آف ۾ صدر رجب طيب اردوان ۽ ڪمال ڪليچدار ۾ مقابلو ٿيو هو. پهرين مرحلي ۾ 5 سيڪڙو کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪندڙ سينان اوعان صدر اردوان جي حمايت جو اعلان ڪري چڪو آهي.
پولنگ جو عمل مقامي وقت موجب صبح 6 وڳي کان شام 5 وڳي تائين جاري رهندو. ڪنهن به اميدوار جي 50 سيڪڙو ووٽ حاصل نه ڪرڻ سبب صدر جو فيصلو نه ٿي سگهيو ۽ چونڊ عمل ٻئين مرحلي ۾ داخل ٿي ويو.