مسلمانن سان نفرت ڪرڻ اڄ ڪالهه ڀارت ۾ فيشن بڻجي چڪو آهي: نصير الدين شاهه

news-details

ممبئي: (اڱارو: 30 مئي 2023ع) بالي ووڊ جي سينئر اداڪار نصير الدين شاهه چيو آهي ته مسلمانن سان نفرت ڪرڻ ڀارت ۾ هر طبقي جي ماڻهن جو فيشن بڻجي ويو آهي.
ڀارتي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو دوران ڪيترين ئي فلمن ۾ مُک ڪردار ادا ڪندڙ اداڪار نصير الدين شاهه ڀارتي حڪومت تي اسلاموفوبيا پکيڙڻ جو الزام مڙهي ڇڏيو.
اداڪار ڀارت ۾ مسلمان برادري جي خلاف وڌندڙ نفرت تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ڀلي فلمون هجن يا حقيقت مسلمانن سان نفرت اڄ ڪالهه فيشن بڻجي چڪو آهي.
سندس چوڻ هو ته اهو پريشان ڪندڙ وقت آهي مسلمانن خلاف پروپيگينڊا ڪئي پئي وڃي حڪومت چالاڪي سان اسلام ۽ مسلمانن جي خلاف ماڻهن جي جا ذهن گدلا ڪري ڇڏيا آهن هاڻ پڙهيل لکيل ۽ باشعور هندو به مسلمانن سان نفرت ڪن ٿا.
نصير الدين شاهه سوال اٿاريو ته جيڪڏهن ڀارت سيڪيولر ملڪ ۽ اتي جمهوري نظام آهي ته پوءِ هر شيءَ ۾ مذهب کي داخل ڇو پيو ڪيو وڃي؟