اسلام آباد: (خميس:01 جون 2023ع) قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر ٿري ايم پي او تحت گرفتاري کان بچڻ لاءِ عدالت سان رابطو ڪري ورتو. پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته 9 مئي جي واقعن کان پوءِ اسان جي پارٽي اڳواڻن کي ٿري ايم پي او ۽ مختلف ڪيسن ۾ گرفتار ڪيو ويو. منهنجي خلاف 2 بي بنياد ڪيس داخل ڪيا ويا جن ۾ ضمانت وٺي ڇڏي آهي. امڪان آهي ته مون کي ٿري ايم پي او تحت گرفتار ڪيو ويندو.
درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته اسلام آباد جي ڊپٽي ڪمشنر کان ٿري ايم پي او تحت ڪارروائي جا تفصيل طلب ڪيا وڃن ۽ گرفتاري جو آرڊر جاري ڪرڻ کان روڪيو وڃي. جيڪڏهن گرفتاري گهربل هجي ته ٻڌايو وڃي ته ڪهڙن سببن جي آڌار تي 3 ايم پي او تحت ڪارروائي بڻجي ٿي.