اسلام آباد: (خميس:01 جون 2023ع) وزيراعظم شهباز شريف قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس سڀاڻي طلب ڪري ورتو آهي.
ذريعن موجب قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ سويلين ۽ عسڪري قيادت شرڪت ڪندي. اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير کان علاوه وفاقي وزير به شريڪ ٿيندا.
ذريعن موجب قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ امن امان جي صورتحال تي به غور ڪيو ويندو. ياد رهي ته ان کان اڳ ٿيندڙ قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ فوجي ٺڪاڻن تي حملو ڪندڙن خلاف آرمي ايڪٽ تحت ٽرائل جي فيصلي جي تائيد ڪئي وئي هئي. جڏهن ته وفاقي ڪابينه قومي سلامتي ڪميٽي فيصلي جي به توثيق ڪئي هئي.