9 مئي واقعو: حماد اظهر ۽ اسلم اقبال جا عمران خان سان رابطن جا تفصيل سامهون اچي ويا

news-details

لاهور: (خميس:01 جون 2023ع) لاهور ۾ ڀڃ ڊاهه ۽ باهين جي معاملي ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن جي رابطن جا وڌيڪ تفصيل سامهون اچي ويا آهن.


پوليس ذريعن موجب ڀڃ ڊاهه ۽ باهين جي معاملي ۾ حماد اظهر ۽ اسلم اقبال جو عمران خان ۽ ٻين پارٽي ڪارڪنن سان 700 ڀيرا رابطو ٿيو.


پوليس ذريعن ٻڌايو آهي ته حماد اظهر ۽ اسلم اقبال جي 10 کان 15 ڀيرا لوڪيشن تبديل ٿي، ٻنهي اڳواڻن جي مائتن سميت ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.


پوليس ذريعن موجب حماد اظهر ۽ ميان اسلم اقبال مختلف سمن سان رابطا ڪري رهيا هئا. ميان اسلم اقبال جي ڀاءُ، ڀائٽي ۽ ٻين مائٽن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. حماد اظهر جي سيڪريٽري ۽ ٻين مائٽن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي.