حڪومتي ڪوششون ناڪام: سپريم ڪورٽ عدالتي اصلاحات بل جو پارلياماني رڪارڊ حاصل ڪري ورتو

news-details

اسلام آباد: (خميس:01 جون 2023ع) حڪومتي انڪار کان پوءِ سپريم ڪورٽ عدالتي اصلاحات بل پارلياماني رڪارڊ پاڻ ئي حاصل ڪري ورتو.


چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 8 رڪني بينچ سپريم ڪورٽ رولز اينڊ پروسيجر ايڪٽ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. اٽارني جنرل استدعا ڪئي ته سپريم ڪورٽ نظرثاني قانون بڻجي چڪو آهي. جنهن کان پوءِ نظرثاني جو اختيار ٻڌڻي کان وڌي اپيل جي برابر ٿي ويو آهي. سپريم ڪورٽ رولز اينڊ پروسيجر بل ۽ نظرثاني جي اختيار کي وڌائڻ جي قانون ۾ ٿورو ٽڪراءُ آهي جڏهن ته سپريم ڪورٽ رولز اينڊ پروسيجر جي سيڪشن چار نظرثاني قانون جي سيڪشن 6 ۾ هڪجهڙائي آهي.  


چيف جسٽس چيو ته قانون ۾ هڪ جهڙائي هجڻ گهرجي. قانونسازي سپريم ڪورٽ جي انتظامي معاملن بابت آهي. اوهان کي سپريم ڪورٽ سان مشاورت ڪرڻ گهرجي ها. اسان وفاقي حڪومت جي تجويز کي ڀليڪار چئون ٿا قانون جي حوالي سان پارليامينٽ جو ٻيهر جائزو وٺڻ سٺي ڳالهه آهي.


جسٽس محمد علي مظهر پڇيو ته ڇا اوهان پارليامينٽ ۾ معاملي کي ٻيهر کڻي ويندو؟ اٽارني جنرل جواب ڏنو ته سپريم ڪورٽ معاملو پاڻ پارليامينٽ ڏانهن اماڻي.


ان تي چيف جسٽس چيو ته اسان ائين نه ڪنداسين، اسان پاڻ ۾ مشاورت ڪري ٻڌائينداسين. ٻيو طريقو اهو آهي ته اسان به ڪيس جاري رکون ۽ پارليامينٽ به جاري رکي پوءِ ڏسون ٿا وڌيڪ  تڪڙ ڪير ڪري ٿو.


درخواستگذار جي وڪيل چيو ته عدالت گذريل ٻڌڻي تي پارلياماني ڪارروائي جو رڪارڊ طلب ڪيو هو اڃان تائين رڪارڊ ناهي ڏنو ويو.  چيف جسٽس ٻڌايو ته اسان کي  نيوز مان خبر پئي ته هنن رڪارڊ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي پر  هو اهو وساري ويٺا ته انهن جي ويب سائيٽ تي سمورو رڪارڊ موجود هوندو آهي. حڪومت وڏي مهربان آهي اسان ويب سائيٽ تان سمورو رڪارڊ حاصل ڪري ورتو آهي.


جنهن کان پوءِ عدالت سڳوري سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ خلاف درخواستن تي ٻڌڻي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.