پنجاب جو اڳوڻو وڏو وزير چوڌري پرويز الاهي گرفتار

news-details

لاهور: (خميس:01 جون 2023ع) پاڪستان تحريڪ انصاف جي صدر ۽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي کي اينٽي ڪرپشن گرفتار ڪري ورتو آهي.


اينٽي ڪرپشن پنجاب پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي کي ظهور الاهي پيلس تان گرفتار ڪيو. ذريعن موجب چوڌري پرويز الاهي پنهنجي گاڏي ۾ وڃي رهيو هو ته پوليس گاڏي روڪي کيس گرفتار ڪيو.  اينٽي ڪرپشن جي ٽيم پرويز الاهي کي ٻئي گاڏي ۾ ويهاري پاڻ سان گڏ کڻي وئي. چوڌري پرويز الاهي جي ترجمان به پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير جي گرفتاري جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.


چوڌري پرويز الاهي ڪرپشن جي ڪيس ۾ عدالت مان عبوري ضمانت جي درخواست داخل ڪئي هئي پر گوجرانوالا جي اينٽي ڪرپشن عدالت چوڌري پرويز الاهي جي درخواست رد ڪري ڇڏي هئي. ڇو ته ضمانت جي لاءِ  جوابدار جو عدالت ۾ پيش ٿيڻ ضروري هوندو آهي.


ياد رهي ته پرويز الاهي خلاف ترقياتي منصوبن ۾ ڪرپشن جا ڪيس داخل ٿيل آهن. گذريل ڪجهه هفتن دوران اينٽي ڪرپشن پنجاب پوليس ڪيترائي ڀيرا چوڌري پرويز الاهي جي گرفتاري لاءِ سندس گهرن تي ڇاپا هنيا هئا. گجرات ۾ گنجاهه ۽ لاهور ۾ واقع رهائشگاهه تي به سندس گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا ويا هئا.