مُلڪ ۾ سون جي قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي

news-details

ڪراچي: (خميس: 01 جون 2023ع) سون جي مُلهه ۾ وڏي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 5400 رپيا گهٽتائي کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت 2 لک 29 هزار رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت ڏهه گرام سون 4629 رپيا گهٽجڻ کانپوءِ 1 لک 96 هزار 331 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 7 ڊالر واڌ سان 1967 ڊالر في اونس آهي.