اسلام آباد: (خميس: 01 جون 2023ع) بچاءَ واري وزير خواجه آصف تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان کي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کان به وڌيڪ خطرناڪ قرار ڏئي ڇڏيو.
نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي خواجه آصف تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان کي پاڪستان جو اندروني دشمن قرار ڏيندي چيو ته ماڻهو هاڻ به کيس نٿا سڃاڻين.
ياد رهي ته عمران خان ڪجهه ڏينهن اڳ حڪومت سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي جو اعلان ڪيو هو، جنهن تي خواجه آصف ٺٺول ڪندي چيو هو ته جيڪڏهن ڪميٽي ۾ شامل ماڻهو ايندڙ ڏينهن ۾ پي ٽي آءِ ڇڏيندا ته متبادل نالن جو به اعلان ڪري ڇڏيو.