ملڪ ۾ مهانگائي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي

news-details

اسلام آباد: (خميس: 01 جون 2023ع) ملڪ ۾ مهانگائي تاريخ جي بلند ترين 38 سيڪڙو تي پهچي وئي، مئي ۾ مهانگي تقريبن 4 سيڪڙو وڌيڪ رهي، تعليم، صحت، بجلي، گئس ۽ ٻارڻ سميت هر شئي مهانگي ٿي وئي.
ناڻي واري وزارت مئي ۾ مهانگائي جو ڪاٿو 34 کان 36 سيڪڙو لڳايو هو، شهري علائقن ۾ مهانگائي 35.1 سيڪڙو جي سطح تي رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته ٻهراڙي وارن علائقن ۾ مهانگائي 42.2 سيڪڙو جي بلند ترين سطح تي پهچي چڪي آهي.
ڳڻپ کاتي موجب شهري علائقن ۾ کاڌي پيتي جون شيون 48.65 سيڪڙو مهانگيون رهيون، جڏهن ته ٻهراڙي وارن علائقن ۾ کاڌي پيتي جون شيون 52.4 سيڪڙو مهانگيون رهيون.