حيدرآباد: (آچر: 04 جون 2023ع) موسميات کاتي سنڌ جي مختلف علائقن ۾ برسات جا امڪان ظاهر ڪري ڇڏيا.
سنڌ جي اولھ، اوڀر ۽ ڏکڻ سنڌ ۾ ڪٿي ڪٿي گجگوڙ ۽ کنؤڻ سان گڏ مٽي وارين ھوائن سان برسات جوامڪان آھي ڪڪرن جي طاقتور ٿيڻ سان نوري آباد، ڄامشورو، حيدرآباد سميت ڏکڻ سنڌ جي ڪجھ علائقن ۾ اڄ برسات جوامڪان موجود آھي.
موسميات کاتي موجب ٿرپارڪر سميت اوڀرسنڌ ۾ ڪٿي ڪٿي برسات جووسڪارو ٿي سگھي ٿو اولھ سنڌجي علائقن ڪاڇو، جوھي، واھي پانڌي، دادو، ڀان سيدآباد، سيوھڻ، ڀڳو ٽوڙو جبل سميت مورو، نوشھروفيروز، دولتپور، قاضي احمد، سڪرنڊ، نواب شاھ، سانگھڙ، شاھپورچاڪر، ڄام صاحب، ھالا، نيوسعيدآباد سميت مختلف علائقن ۾ برسات جوامڪان آھي.
اترسنڌ ۾ به ڪٿي ڪٿي ڪڪرن جي طاقت ورٿيڻ سان برسات جوامڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.