معاشي معاملن ۾ اسان کي تجربو نه آهي، مداخلت نه ڪنداسين: چيف جسٽس

news-details

اسلام آباد: (سومر: 05 جون  2023ع)   سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته سپريم ڪورٽ معاشي معاملن ۾ مداخلت نه ڪندي معاشي معاملن ۾ اسان کي تجربو نه آهي ان جي ڪري مداخلت نه ڪنداسين.


سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي نجڪاري خلاف جماعت اسلامي جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي. چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ اسلام آباد کان وڊيو لنڪ ذريعي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته پارليامينٽ آرٽيڪل  184 جي شق 3 بابت 2 قانون ٺاهيا. پراڻا ڪيس ان لاءِ مقرر ڪري رهيا آهيون ته جيئن ڏسي سگهون ته مسئلا پراڻا آهن يا نوان. چيف جسٽس چيو ته هي پاليسي ميٽر آهي ان جو اختيار ڪورٽ کي ته نه آهي؟ منهنجي خيال ۾ پهريان مناسب فورم تي وڃڻ گهرجي.


جسٽس عائشه ملڪ چيو ته هاڻ ته اداري جي نجڪاري ٿي چڪي آهي ۽ ادارو ڊگهي وقت کان ڪم ڪري رهيو آهي. جماعت اسلامي جي وڪيل رشيد اي رضوي چيو ته هن ۾ ڪيترائي معاملا حل طلب آهن مون کي ٻڌو وڃي ته ٻڌائيندس ته ٻڌڻي ڇو ضروري آهي ان حوالي سان مان اهم نڪتن تي عدالت جي رهنمائي ڪرڻ چاهيان ٿو.


چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته نجڪاري کي 18 سال گذري چڪا آهن. ڪيترائي ڊويلپمينٽس ٿي چڪا آهن. اوهان درخواست کي اپڊيٽ ۽ اپ گريڊ ڪري وٺو ته بهتر آهي. اوهان پهريان هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪريو پوءِ سپريم ڪورٽ اچو. سپريم ڪورٽ معاشي معاملن ۾ مداخلت نه ڪندي. معاشي معاملن ۾ سپريم ڪورٽ کي تجربو حاصل نه آهي.  


درخواستگذار جي وڪيل ٻڌڻي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪرڻ جي استدعا ڪئي ته چيف جسٽس چيو ته ايندڙ هفتي کان موڪلون شروع ٿي رهيون آهن. ججز نه هوندا. ڪي اليڪٽرڪ جي نجڪاري کي 18 سال گذري چڪا آهن اوهان هدايتون وٺي ڇڏيو. سڀاڻي ڪيس جي ٻڌڻي ڪنداسين. جنهن کان پوءِ عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.


ياد رهي ته جماعت اسلامي ڪي اليڪٽرڪ جي نجڪاري خلاف 2015 ۾ درخواست داخل ڪئي هئي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪري رهيو آهي جسٽس عائشه ملڪ ۽ جسٽس اطهر من الله بينچ جو حصو آهن. سپريم ڪورٽ حڪومت، اٽارني جنرل، ڪي اليڪٽرڪ سميت سمورين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.