پ پ ڪراچي جي ميئر لاءِ مرتضيٰ وهاب کي اميدوار مقرر ڪري ڇڏيو

news-details

ڪراچي: (سومر: 05 جون 2023ع) پيپلزپارٽي ڪراچي جي ميئر لاءِ مرتضيٰ وهاب کي پنهنجو اميدوار مقرر ڪري ڇڏيو.
پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي پارٽي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پنهنجي نامزد ميئر جو اعلان ڪيو.
نثار کهڙي جي پريس ڪانفرنس جاري هئي ته ان ئي دوران پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سوشل ميڊيا تي ڪراچي جي ميئر لاءِ مرتضيٰ وهاب جي نالي جو اعلان ڪري ڇڏيو.
بلاول ڀٽو زرداري پ پ جي سڀني نامزد چيئرمينز، ڊپٽي چيئرمينز کي مبارڪباد ڏيندي لکيو ته عوام پ پ تي ڀرپور اعتماد ڪيو، هاڻ وڃو ۽ ايندڙ مرحلو به کٽيو ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪيو، جيڪو اسان ڪندا آهيون.
ياد رهي ته ڪراچي جي ميئر لاءِ 15 جون ڪي ايم سي بلڊنگ ۾ چونڊ ٿيندي.
جماعت اسلامي طرفان ڪراچي جي ميئر لاءِ حافظ نعيم اميدوار آهي ۽ تحريڪ انصاف به جماعت اسلامي جي حمايت جو اعلان ڪيو آهي.