انصاف جو جهنڊو اڄ به هٿ ۾ آهي، پارٽي چيئرمين سان ملي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪندس: قريشي جو آزادي بعد بيان

news-details

راولپنڊي: (اڱارو: 06 جون 2023ع) تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي کي اڊيالا جيل مان آزاد ڪيو ويو.
جيل اختيارين موجب شاهه محمود قريشي کي عدالتي حڪمن تي آزاد ڪيو ويو.
اڊيالا جيل ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي چوان ٿو انصاف جو جهنڊو اڄ به منهنجي هٿ ۾ آهي.
هن چيو ته سڀاڻي تحريڪ انصاف چيئرمين سان ملاقات ڪندس، جنهن کانپوءِ ميڊيا سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪندس.
سندس چوڻ هو ته ڊي سي راولپنڊي جي چوڻ تي ٿري ايم پي او تحت منهنجي ٻيهر گرفتاري ٿي، قيد ۾ هوندي امن ۾ خللل لاءِ ڪيئن ٿو خطرو بڻجي سگهان؟ منهنجي نظر ۾ ٻيهر گرفتاري جو ڪو جواز نه هو، مان ته قيد ۾ هيس، ڪنهن کي هدايتون ڏيان ها يا اڪسايان ها؟
شاهه محمود قريشي تحريڪ انصاف ڪارڪنن کي مخاطب ٿيندي چيو ته هي آزمائش جو وقت آهي، حوصلو رکو، سج لهڻ کانپوءِ سج اڀرندو به آهي.