واٽس ايپ طرفان صارفين لاءِ ٻه دنگ ڪري ڇڏيندڙ فيچر پيش، استعمال جو طريقو ڄاڻيو

news-details

ڪيليفورنيا: (اربع: 07 جون 2023ع) واٽس ايپ پنهنجي صارفين جي سولائي لاءِ وڌيڪ ٻه فيچر پيش ڪري ڇڏيا، جنهن جي مدد سان ڪيئي صارفين جي مشڪل آسان ٿي ويندي.
واٽس ايپ بيٽا انفو جي رپورٽ موجب، پيغام پهچائيندڙ ايپليڪيشن واٽس ايپ طرفان ڊيسڪ ٽاپ ورزن استعمال ڪندڙ صارفين لاءِ ” ڪراپ ٽول “ متعارف ڪرايو ويو آهي جنهن تحت هاڻي ڪنهن ڏانهن اُماڻي ويندڙ تصوير کي ڪراپ ڪري سگهبو.
اِها سهولت اينڊرائيڊ ۽ آءِ او ايس صارفين کي اڳواٽ ئي حاصل هئي پر هاڻي ويب ورزن استعمال ڪندڙ صارفين به ان مان لاڀ حاصل ڪري سگهندا.
ان حوالي سان واٽس ايپ بيٽا انفو اسڪرين شاٽ پڻ جاري ڪيو آهي جنهن ذريعي هن فيچر کي سمجهڻ ۾ وڌيڪ سولائي ٿيندي.
استعمال ڪرڻ جو طريقو:
جڏهن صارف ڪائي به تصوير ڪنهن چيٽ ۾ موڪلڻ لاءِ چونڊيندو ته ان وٽ تصوير ۾ ڏيکاريل آپشنز نظر ايندا، انهن مان ئي هڪ آپشن ڪراپ جو به هوندو، جنهن بعد صارف پنهنجي مرضي موجب تصوير ۾ ڦيرڦار ڪري اُماڻي سگهي ٿو.
ٻيو فيچر
واٽس ايپ اينڊرائيڊ ۽ آءِ او ايس صارفين لاءِ ” ايڇ ڊي فوٽوز “ وارو فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي.
ان فيچر تحت صارفين جي واٽس ايپ تان موڪليل ۽ موصول ڪيل تصويرن جو معيار وڌيڪ بهتر ٿي ويندو.
استعمال ڪرڻ جو طريقو:
اينڊرائيڊ ۽ آءِ او ايس جو اَپ ڊيٽڊ ورزن انسٽال ڪرڻ بعد واهپيدار ان سهولت مان لاڀ حاصل ڪري سگهندا.
تصوير اُماڻن وقت فوٽو ڪوالٽي جو آپشن ايندو جنهن ۾ اوهان ايڇ ڊي جي چونڊ ڪندئو. جنهن بعد ڪنهن به موڪليل تصوير جي ڪوالٽي بهترين يعني ايڇ ڊي هوندي.