” زندگي جي ڏکي آزمائيش مان گذري رهي آهيان“ ڪاجول جو سوشل ميڊيا تان بريڪ جو اعلان

news-details

ممبئي: (جمعو: 09 جون 2023ع) بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا ڪاجول سوشل ميڊيا تان وقفو وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي سوشل ميڊيا تان وقفو وٺڻ جو اعلان سان گڏ ڪاجول هڪ پوسٽ شيئر ڪئي جنهن ۾ هن لکيو ته هوءَ زندگي جي مشڪل ترين آزمائش کي منهن ڏئي رهي آهيان.
ٻئي پاسي ڪاجول انسٽاگرام اڪائونٽ تان به پنهنجون تصويرون ڊليٽ ڪري ڇڏيون آهن.
ياد رهي ته ڪاجول انسٽاگرام تي تمام گهڻو متحرڪ رهندي آهي پوسٽون ڊليٽ ڪرڻ کان اڳ ڪاجول انسٽاگرام اڪائونٽ تي سندس ڪٽنب ۽ مڙس اجي ديوگن سميت، فلمي ڪيريئر جون ڪيئي تصويرون موجود هيون جيڪي ڊليٽ ڪيون ويون آهن.
اداڪارا پوسٽ ڊليٽ ڪرڻ واري عمل سان گڏوگڏ شيئر ڪيل پيغام سندس مداح پريشاني ۾ وڪوڙي ڇڏيو آهي.