حريم شاهه خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ صندل خٽڪ عدالت پهچي وئي

news-details

پشاور: (ڇنڇر: 10 جون 2023ع) ڪرڪ سان تعلق رکندڙ ٽڪ ٽاڪ اسٽار صندل خٽڪ حريم شاهه خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ 122 اي جي تحت عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي. ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج اشفاق تاج درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار صندل خٽڪ درخواست ۾ لکيو آهي ته حريم شاهه سوشل ميڊيا تي منهنجي خلاف منفي پروپيگنڊا ڪئي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ايف آءِ اي کي به آگاهه ڪيو ويو پر ڪوبه داد فرياد نه ٿيو. صندل خٽڪ عدالت کي استدعا ڪئي ته ايف آءِ اي کي حريم شاهه خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي. درخواستگذار عدالت کان استدعا ڪئي ته ڌمڪيون ملي رهيون آهن، عدالت سيڪيورٽي ڏيڻ جو حڪم ڏئي. جنهن کان پوءِ عدالت صندل خٽڪ جي درخواست ٻڌڻ جوڳي نه هجڻ تي رد ڪري ڇڏي.