ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه وڊيوز ليڪ ڪيس: ايف آءِ اي صندل خٽڪ کي گرفتار ڪري ورتو

news-details

اسلام آباد: (سومر: 12 جون 2023ع) ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه جي وڊيوز ليڪ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي گذري جنهن ۾ صندل خٽڪ جي ضمانت واري درخواست رد ڪئي وئي جنهن کان پوءِ ايف آءِ اي صندل خٽڪ کي گرفتار ڪري ورتو.


سينٽرل اسپيشل ڪورٽ اسلام آباد ۾ ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه جي وڊيوز ليڪ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران جج صندل خٽڪ جي ضمانت واري درخواست رد ڪندي کيس گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.


ان کان اڳ ٽڪ ٽاڪر صندل خٽڪ پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته حريم شاهه طرفان مون کي سنگين ڌمڪيون مليون آهن حريم شاهه جي ڌمڪين جا نتيجا جلد ملي ويندا. ياد رهي ته گذريل ڏينهن ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي صندل خٽڪ واري درخواست رد ڪئي وئي هئي. سيشن جج اشفاق تاج درخواست جي ٻڌڻي ڪندي درخواست ٻڌڻ جوڳي نه هجڻ تي رد ڪري ڇڏي هئي.