واٽس ايپ فونٽ اسٽائل ۽ سائز مٽائڻ جون ٽرڪس

news-details

ڪيليفورنيا: (آچر: 18 جون 2023ع) واٽس ايپ دنيا جي مشهور ترين ميسيجنگ ايپ آهي جيڪا لڳ ڀڳ هر سمارٽ فون صارفين استعمال ڪندو آهي.
واٽس ايپ جي صارفين جو انگ 2 ارب کان وڌيڪ آهي ۽ ان جو استعمال ماڻهو پنهنجن دوستن ساٿين ۽ پيارن سان رابطي لاءِ ڪندا آهن.
پر ڇا اوهان کي خبر آهي ته اوهان واٽس ايپ ۾ پنهنجي ٽيڪسٽ ميسيجز جو فونٽ به تبديل ڪري سگھو ٿا؟
ان سان گڏوگڏ اوهان واٽس ايپ فونٽ سائيز به تبديل ڪري سگھو ٿا.
جي ها اهي ٻئي فيچرز استعمال ڪرڻ گھڻو سولو آهي.
اهو فيچر گھڻي عرصي کان ان ايپ ۾ موجود آهي پر گھڻن ماڻهن کي ان جي خبر ناهي.
فونٽ تبديل ڪرڻ جو طريقو
ان مقصد لاءِ واٽس ايپ ڪا به چيٽ اوپن ڪري ميسيج ٽائيپ ڪريو.
ان کان پوءِ ميسيج کي سينڊ ڪرڻ کان اڳ سليڪٽ ڪريو ته پوپ اپ ميسيج نظر ايندو جنهن ۾ موجود ٿري ڊاٽ مينيو تي ڪلڪ ڪيو.
اتي اوهان جي آڏو بولڊ، اٽالڪ ۽ اسٽرائيڪ ٿرو سان گڏ مونو اسپيس جو آپشن نظر ايندو، جيڪو بنيادي طور تي ٽائيپ رائيٽر فونٽ آهي.
مونو اسپيس کي سليڪٽ ڪرڻ تي اوهان جي ميسيج جو فونٽ تبديل ٿي ويندو.
ان جو هڪ ٻيو طريقو به آهي، ان لاءِ ميسيج جي اڳيان ۽ پٺيان 3 ڀيرا "` جي نشاني استعمال ڪريو.
فونٽ سائيز تبديل ڪريو
ان جي لاءِ واٽس ايپ کولي سيٽنگز ۾ چيٽس جي آپشن ۾ وڃو.
چيٽس جي اندر فونٽ سائز ڪلڪ ڪيو ته سمال، ميڊيم ۽ لارج جا آپشنز نظر ايندا، جنهن مان اوهان پنهنجي مرضي سان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪري سگھو ٿا.
جيڪو آپشن چونڊيندئو ان بابت چيٽ فونٽ تبديل ٿي ويندو.