6 مهينن دوران ايلون مسڪ جي اثاثن ۾ ڇرڪائيندڙ واڌ، انگ اکر سامهون اچي ويا

news-details

ڪيليفورنيا: (اربع:21 جون 2023ع) ٽيسلا ۽ اسپيس ايڪس جي مالڪ ايلون مسڪ لاءِ 2022ع ڪافي خراب سال ثابت ٿيو هو جنهن دوران سندس دولت ۾ 130 ارب ڊالرز کان وڌيڪ لاٿ آئي هئي، جڏهن ته ايلون مسڪ 2023ع شروعات 137 ارب ڊالرز سان دنيا جو ٻيو امير ترين شخص طور ڪئي هئي.
هلندڙ سال ٽيسلا مالڪ لاءِ هينئر تائين تمام سٺو ثابت ٿيو آهي، 6 مهينن دوران سندس دولت ۾ 100 ارب ڊالرز کان وڌيڪ اضافو ٿي چڪو آهي.
بلومبرگ بلين ايئر انڊيڪس موجب، 20 جون تي ايلون مسڪ جي اثاثن ۾ 9.95 ارب ڊالرز جو وڌارو ٿيو ۽ اهي 243 ارب ڊالرز تائين پهچي ويا.
ايلون مسڪ جي دولت ۾ واڌ جو بنيادي ڪارڻ سندس ڪمپني ٽيسلا جي شيئرز جي قيمتن ۾ نمايان اضافو آهي.
ايلون مسڪ ٽيسلا جي 15 سيڪڙو شيئر جو ماڪ آهي ته شيئرز جي قدر وڌڻ سان سندس سولت ۾ پڻ وڌارو ٿيندو آهي.