گهر يا آفيس ويندي بس ۾ مفت واءِ فاءِ ملندو، وڏو اعلان

news-details

ڪراچي: (جمعو: 23 جون 2023ع) صوبائي ٽرانسپورٽ کاتي شهرين جي سهولت لاءِ ”پيپلز بس سروس“ ايپليڪيشن متعارف ڪرائي ڇڏي آهي.شهرين جي سهولت لاءِ پيپلز بس سروس جي ايپليڪيشن متعارف ڪرائي وئي آهي، ايپ کي صارفين گوگل پلي اسٽور تان ” مفت ۾ ڊائون لوڊ ڪري سگهن ٿا.ان سلسلي ۾ ڪراچي ۾ هڪ تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ايپ جي خاصيت بابت آگاهه ڪيو.پيپلز بس سروس ايپليڪيشن جو خاصيتونايپ ذريعي صارفين پيپلز بس جا روٽس ۽ لوڪيشن به ڏسي سگهندا، يعني ماڻهو ايپ ذريعي اِهو ڄاڻي سگهندا ته سندن گهربل روٽس تي هلندڙ بس سندن اسٽاپ تي ڪڏهن پهچندي.انکانسواءِ ايپليڪيشن ذريعي مسافر آن لائين بُڪنگ به ڪرائي سگهندا ۽ ٽڪيٽ جي ادائيگي به آن لائين ئي ڪندا.ايپ ذريعي مسافر بس سروس بابت پنهنجون شڪايتون به داخل ڪرائي سگهندا.حڪومت جتي ايپ متعارف ڪرائي وئي آهي اتي ئي بسن ۾ سيڪيورٽي سسٽم کي به وڌيڪ بهتر ڪيو ويو آهي ۽ هاڻي بسن ۾ سي سي ٽي وي ڪيمرائون به لڳايون ويون آهن، جنهن ذريعي بسن جي درست انداز ۾ مانيٽرنگ ڪئي ويندي.پيپلز بس سروس ۾ صارفين کي انٽرنيٽ جي فراهمي لاءِ واءِ فاءِ سسٽم به لڳايو ويو آهي.سنڌ سرڪار پيپلز بس سروس جي شروعات جون 2022ع ۾ ڪئي هئي ۽ ابتدائي طور اِها رڳو راڄڌاني ڪراچي تائين محدود هئي.بعد ۾ پيپلز بس سروس جا ڪراچيءَ ۾ روٽس وڌائڻ کانسواءِ سروس ٻين شهرن حيدرآباد، لاڙڪاڻي ۽ سکر ۾ به متعارف ڪرائي وئي هئي.