ڪتن جي سار سنڀال جي نوڪري: پگهار 3 ڪروڙ 60 لک روپيه مقرر

news-details

لنڊن: (سومر: 26 جون 2023ع) برطانيه ۾ ڪتن جي سار سنڀال ڪرڻ لاءِ هڪ ملازم جي اشتهار تي ڪجهه ئي ڏينهن دوران 3 هزار کان وڌيڪ درخواستون ڏنيون ويون آهن جنهن جو سبب 127.000 ڊالر آهن جيڪي پاڪستاني روپين ۾ 3 ڪروڙ 60 لک روپيه بڻجن ٿا.


فيئر فيڪس اينڊ ڪينسنگٽن نالي ڪمپني چيو آهي ته اسان هڪ نوڪري جو اشتهار ڏنو جنهن کي ڪجهه ئي ڏينهن کان پوءِ هٽائڻو پيو ڇو ته في ڪلاڪ جي حساب سان سوين درخواستون ملي رهيون هيون.


نوڪري ڪندڙ ملازم جي ذميواري ڪتن جي سار سنڀال جو ڪم هو جنهن ۾ هڪ گهر ۾ رهندي پالتو ڪتن جو هر ممڪن خيال رکڻو پوندو هو. پر ان جو معاوضو تمام گهڻو ڏنو  پئي ويو ان سبب ڪري ئي هڪ ٻئي پٺيان درخواستون ڏنيون پئي ويون. ملازم کي ٻن ڪتن جي سار سنڀال ڪرڻي پوندي.


نوڪري جي متن ۾ اهو به لکيو ويو هو ته هڪ اهڙي ماهر جي ضرورت آهي جيڪو ڪتن کي پالڻ جو تجربو رکندڙ هجي اهو جانور جي خوراڪ، سار سنڀال، ورزش، تحفظ ۽ صحت جو ذميوار به هوندو. ڊاڪٽرن وٽ کڻي وڃڻ ۽ معمول جو چيڪ اپ ۽ ويڪسين لڳرائڻ به نوڪري جو حصو آهي.


ماهرين موجب ايتري پگهار ته يورپ جا بهترين ڊاڪٽر به نٿا ڪمائي سگهن جيڪا هڪ ملازم کي ڏني پئي وڃي. ان لاءِ هاڻ ڪمپني وڌيڪ درخواستن کي روڪي ڇڏيو آهي ۽ حتمي ملازم جي چونڊ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي.