ليجنڊ اداڪار شڪيل لاڏاڻو ڪري ويو

news-details

ڪراچي: (خميس: 29 جون 2023ع) ڪراچي ۾ اداڪار شڪيل احمد 85 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
خانداني ذريعن موجب شڪيل احمد گذريل ڪجهه ڏينهن کان نجي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو، جيڪو اڄ حقيقي خالق سان وڃي مليو.
گهر ڀاتين جو چوڻ آهي ته اداڪار شڪيل جو باءِ پاس آپريشن به ٿيو هو، هو ڪيترن ئي سالن کان عليل هو.
اداڪار شڪيل جو اصل نالو يوسف ڪمال هو، هن ڪيترن ئي لازوال ڊرامن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو.
مرحوم شڪيل جي جنازي نماز سڀاڻي ٽي پهري جي نماز کانپوءِ ادا ڪئي ويندي.