حڪومت جي سخت مخالفت:سينيٽ چيئرمين تاحيات مراعات جو بل واپس وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو

news-details

اسلام آباد: (آچر: 02 جولاءِ 2023ع) حڪومت جي سخت مخالفت سبب سينٽ چيئرمين صادق سنجراڻي سينيٽ چيئرمين جي تاحيات مراعات جو بل واپس وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو.


تفصيل موجب سينيٽ چيئرمين لاڳاپيل سينيٽرز کي بل واپس وٺڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. صادق سنجراڻي نجي بل کي فنانس بل سان گڏ منظور ڪرائڻ چاهيو ٿي.


گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سينيٽ چيئرمين جي مراعاتن بابت بل جي حڪومتي وزيرن سخت مخالفت ڪئي هئي. حڪومتي وزيرن جي رد عمل کان پوءِ صادق سنجراڻي طرفان بل واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو.


ياد رهي ته سينيٽ چيئرمين جي تاحيات مراعات جي بل موجب سينيٽ چيئرمين ۽ سندس گهر ڀاتين کي به نجي علاج جي سهوليت حاصل هئي، جڏهن ته سينيٽ چيئرمين جي رهائشگاهه جو ڪرايو اڍائي لک روپيه ماهوار مقرر ڪيو ويو هو.


نئين قانون موجب سينيٽ چيئرمين پرڏيهي دوري دوران خاندان جي هڪ ماڻهو کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃي سگهيو ٿي، جڏهن ته چيئرمين سرڪار جهاز ۾ به خاندان جي 4 ڄڻن کي گڏ وٺي وڃي سگهيو ٿي. ان کان علاوه چيئرمين جا ٻيا گهر ڀاتي به سرڪاري گاڏيون استعمال ڪرڻ جا حقدار هوندا.


اهڙين مراعتن ۾ سمورن اڳوڻن سينيٽ چيئرمينن کي تاحيات  مراعتون ملڻيون هيون جڏهن ته 3 سالن کان وڌيڪ چيئرمين رهندڙ به اضافي مراعتن جو حقدار هو.