لاس اينجلس: (اڱارو: 04 جولاءِ 2023ع) بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان سان آمريڪا ۾ شوٽنگ دوران حادثو پيش آيو، جنهن کانپوءِ سندس نڪ جي سرجري ڪئي وئي.
ڀارتي ميڊيا موجب شاهه رخ خان آمريڪا جي شهر لاس اينجلس ۾ پنهنجي ايندڙ پراجيڪٽ جي شوٽنگ دوران حادثي جو شڪار ٿي زخمي ٿي پيو ۽ سندس نڪ مان رت وهڻ لڳو.
اداڪار کي فوري طور طبي امداد لاءِ اسپتال نيو ويو، جتي سندس نڪ جي سرجري ڪئي وئي.
ڊاڪٽرن ادڪار جي ٽيم کي ٻڌايو ته ڳڻتي جي ڪا ڳالهه ناهي، رت روڪڻ لاءِ نڪ جي معمولي سرجري ڪئي وئي آهي ۽ هاڻ هو بهتر آهي.
رپورٽن موجب شاهه رخ خان هاڻ آمريڪا کان واپس ڀارت پهچي ويو آهي ۽ سندس نڪ تي پٽي ٻڌل به ڏٺي وئي.
هوڏانهن شاهه رخ خان ۽ سندس ٽيم طرفان اڃا تائين حادثي جي حوالي سان ڪو بيان جاري ناهي ڪيو ويو.