ڪرپشن جا الزام: بشريٰ بي بي کي اينٽي ڪرپشن اڄ طلب ڪري ورتو

news-details

لاهور: (اربع: 05 جولاءِ 2023ع) اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ ديپالپور ۾ ترقياتي منصوبن ۾ مبينه ڪرپشن جي  الزام هيٺ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گهر واري بشريٰ بي بي کي اڄ طلب ڪري ورتو.


اينٽي ڪرپشن جي ترجمان موجب بشريٰ بي بي تي الزام آهي ته هن من پسند ٺيڪيدارن کي غيرقانوني طور تي ٺيڪا ڏياريا.


اينٽي ڪرپشن طرفان اماڻيل طلبي جي نوٽيس ۾ بشريٰ بي بي کي پابند ڪيو ويو آهي ته هو انڪوائري ڪميٽي جي آڏو پيش ٿي پنهنجو موقف پيش ڪري.


اينٽي ڪرپشن جي ترجمان موجب طلبي جو نوٽيس زمان پارڪ ۽ بني گالا جي رهائشگاهن تي لڳايو ويو آهي. ترجمان موجب بشريٰ بي بي جي طلبي جو نوٽيس ان جي وڪيلن علي بهٽه ۽ اويس کي به وصول ڪرايو ويو آهي. بشريٰ بي بي جي عدم پيروي يا غير حاضري جي صورت ۾ قانون موجب هڪ طرفي ڪارروائي ڪئي ويندي. واضح رهي ته بشريٰ بي بي ۽ ان جي ڀاءُ خلاف ڪيس داخل ٿيل آهي.