وزيراعظم شهباز شريف مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ بريت جي درخواست داخل ڪري ڇڏي

news-details

لاهور: (اربع: 05 جولاءِ 2023ع) وزيراعظم شهباز شريف طرفان مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ بريت جي درخواست داخل ڪئي وئي آهي.


احتساب عدالت لاهور ۾ مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ بريت جي درخواست وزيراعظم شهباز شريف ۽ ان جي پٽ حمزه شهباز طرفان ايڊووڪيٽ امجد پرويز داخل ڪئي.


درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته نيب مني لانڊرنگ جو ڪوڙو ۽ هٿ ٺوڪيو ريفرنس ٺاهيو اثاثا قانون موجب آهن جيڪي ايف بي آر ۽ اليڪشن ڪميشن ۾ ڊڪليئر ڪيا ويا آهن نيب وٽ ڪنهن به قسم جا ڪي به ثبوت  موجود نه آهن.


وزيراعظم شهباز شريف ۽ حمزه شهباز طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اسان جي خلاف ڪيس ثابت ٿيڻ جو ڪوبه امڪان نه آهي. احتساب عدالت کان استدعا آهي ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي ريفرنس مان بري ڪيو وڃي.


احتساب عدالت جي جج قمرالزمان درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي ۽ نيب کي 19 جولاءِ جي لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.