وفاقي سرڪار ملازمن جي پراويڊنٽ فنڊ جي شرح ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي

news-details

اسلام آباد: (ڇنڇر: 08 جولاءِ 2023ع) وفاقي سرڪار سرڪاري ملازمن جي پراويڊنٽ فنڊ جي شرح ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي.


ناڻي واري وزارت موجب مالي سال 22-2021ع جي لاءِ جي پي فنڊ جي منافعي واري شرح 12.40 سيڪڙو هئي جنهن کي هاڻ ايندڙ مالي سال جي لاءِ وڌائي 14.22 سيڪڙو ڪيو ويو آهي. ناڻي واري وزارت هڪ خط ذريعي ڪنٽرولر جنرل آف اڪائونٽس کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.


ياد رهي ته وفاقي سرڪار بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 35 سيڪڙو ۽ پينشن ۾ واڌ 17 سيڪڙو ڪري ڇڏي آهي جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.


ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پهرين جولاءِ کان وفاقي حڪومت جي سمورن پينشنرز خاص طور تي دفاع، سول پيشنرز ۽ آرمڊ فورسز جي ريٽائرڊ ۽ سول آرمڊ فورسز جي ريٽائرڊ ملازمن جي پينشن ۾ واڌ جي منظوري ڏني وئي آهي.