پاڪستان خطي ۾ امن سان رهڻ چاهي ٿو، وسيلا جنگين ۾ ضايع نٿا ڪري سگهجن: وزيراعطم

news-details

اسلام آباد: (ڇنڇر: 08 جولاءِ 2023ع) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان هن خطي ۾ امن سان رهڻ چاهي ٿو. اسان خطي ۾ ڇڪتاڻ برداشت نٿا ڪري سگهون. پاڪستان جنگين ۾ وسيلا ضايع ڪرڻ بجاءِ ترقي ۽ خوحالي تي سرمائيڪاري ڪرڻ چاهي ٿو ڇو ته ماضي ۾ جنگين سان ڪابه مدد ناهي ملي پر ٻنهي طرفن کان ايماندارانه رد عمل سامهون اچڻ گهرجي.


پاڪستان ۽ سوئٽزر لينڊ وچ ۾ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان ٻنهي ملڪن ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ لاءِ مفاهمت جي يادداشت تي صحيح ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته وسيلا پاڪستان جي ترقي، سرمائيڪاري تي لڳائڻ جوڳا آهن يقينن ٻئي طرف جي قيادت کي به ائين ئي محسوس ٿيڻ گهرجي.


وزيراعظم ان ڳالهه جو ارادو ڪيو ته ڪشمير سميت ٻين تڪرارن جو خاتمو خطي ۾ امن امان جي قيام لاءِ تمام گهڻو ضروري آهي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي آبادي ۾  سرمائيڪاري ڪرڻ چاهي ٿو. غربت، بيروزگاري جي خاتمي سان گڏ زراعت ۽ صنعت ۾ هٿي  چاهيون ٿا.


شهباز شريف چيو ته دنيا جي هن حصي ۾ پائيدار امن حاصل ڪرڻ جي لاءِ اسان کي بنا ڪنهن رندڪ جي واضح طور تي سمجهڻ گهرجي ته ان لاءِ اسان کي ڪشمير سميت  ٻين مسئلن کي حل ڪرڻو پوندو ان کان سواءِ اسان کي دنيا جي ان ۾ حصي ۾ امن امان نٿو ملي سگهي.


تقريب سان خطاب ۾ وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان کي قدرتي آفتن کان بچائڻ لاءِ آگاهي ڏيڻ واري جديد نظام سميت ٻين سهوليتن جي دستيابي لاءِ تعاون جا خواهشمند آهيون. هن زور ڏنو ته پاڪستان عالمي ماحولياتي  تبديلي جي اثرن کان تمام گهڻو متاثر ٿي رهيو آهي. وزيراعظم ان خواهش جو اظهار ڪيو ته پاڪستان سوئٽزرلينڊر سان گڏ مختلف شعبن ۾ خاص طور تي سياحت جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي.