چونڊن ۾ 2 مهينا رهجي ويا آهن، ملڪ جو ايندڙ وزيراعظم بلاول ڀٽو هوندو: مراد علي شاهه

news-details

ڪراچي: (اڱارو: 11 جولاءِ 2023ع) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه دعويٰ ڪئي آهي ته چونڊن ۾ 2 مهينا رهجي ويا آهن ملڪ جو ايندڙ وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري هوندو. مراد علي شاهه چيو ته آدمشماري ۾ سنڌ سان ناانصافي ڪئي وئي، آدمشماري جي غير سرڪاري انگن اکرن ۽ وزيراعظم جي جواب مان مطمئن نه آهيون.


سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه حضرت عبدالله شاهه غازي جي درگاهه تي حاضري ڏني. ان موقعي تي ساڻس گڏ خاص معاون بچل شاهه، پير احمد رضا شاهه جيلاني، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب ۽ ڪمشنر ڪراچي به گڏ هئا.


سنڌ جي وڏي وزير عبدالله شاهه غازي جي عرس جي 3 ڏينهن جي تقريبن جي اختتام تي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي، مراد علي شاهه صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته آدمشماري ۾ سنڌ سان ناانصافي ڪئي وئي، آدمشماري جي غير سرڪاري انگن اکرن ۽ وزيراعظم جي جواب مان مطمئن نه آهيون.


وڏي وزير چيو ته ڪڻڪ جي خريداري ڪري ورتي آهي. سنڌ 70 سيڪڙو گيس پيدا ڪندو آهي. ان تي پهريون حق سنڌ جو آهي، ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو، سيپڪو ۾ بجلي بندش جا مسئلا آهن. نوري آباد پاور پلانٽ 400 ميگاواٽ سستي بجلي ڪراچي کي ڏئي رهيو آهي. اهو پلانٽ 4 سالن کان لاڳيتو بجلي فراهم ڪري رهيو آهي.


مراد علي شاهه چيو ته 2008 جي مقابلي ۾ اڄ امن امان جون حالتون  تمام گهڻيون بهتر آهن. پر ڪجهه مسئلا آهن، سنڌ جي ڪچي جي علائقي ۾ مسئلا آهن ڪچي جي علائقي ۾ بهتر آفيسرن کي مقرر ڪيو آهي. ڌاڙيلن طرفان ري ايڪشن آيو. 2008 ۾ ڪانواءِ کان سواءِ سفر نٿي ٿي سگهيو، هن وقت ڪراچي ۾ امن آهي.


هن دعويٰ ڪئي ته 2 مهينن ۾ چونڊون ٿي وينديون ملڪ جو ايندڙ وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري هوندو. چونڊن کان پوءِ پيپلز پارٽي ملڪ جي سڀني کان وڏي پارٽي هوندي. ايم ڪيو ايم پاڪستان تي تنقيد ڪندي وڏي وزير چيو ته ايم ڪيو ايم تازو مڪاني چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو آهي کين پريشاني ته ضرور ٿي هوندي.


وڏي وزير چيو ته سنڌ ڪابينه جي فيصلي جي روشني ۾ اسان صوبائي فنانس ڪميشن هڪ مهيني دوران ٺاهڻ جا پابند آهيون. پريشانين کي منهن ڏيندا رهنداسين.


هڪ سوال جو جواب ڏيندي  وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته اپوزيشن اڳواڻ جي تبديلي جو طريقيڪار موجود آهي. اپوزيشن اڳواڻ ڪٿي آهن ان جي مون کي خبر نه آهي. جيڪڏهن انهن  غلط ڪم ڪيو هوندو ته قانون حرڪت ۾ ايندو. اپوزيشن اڳواڻن کي گرفتاري کان نه ڊڄڻ  گهرجي. نگران حڪومت لاءِ اپوزيشن اڳواڻ سان مشاورت ڪندس.