ڏھرڪي: ڌاڙيلن جو سوشل ميڊيا تي حملي جي ڌمڪي واري ويڊيو کانپوءِ رهڙڪي مندر جي سيڪورٽي ھائي الرٽ

news-details

ڏهرڪي: (جمعو: 14 جولاءِ 2023ع) ڌاڙيلن پاران سوشل ميڊيا تي مندرن تي حملي واري ڌمڪي ڏئڻ واري ويڊيو وارئل ٿيڻ کانپوءِ ايس ايس پي گهوٽڪي رهڙڪي مندر جي سيڪورٽي ھاءِ آلرٽ ڪري ڇڏي آهي.
ڪجهه ڏينهن اڳ ڌاڙيل راڻو شر، عمر شر ۽ ٻين ڌاڙيلن پاران مندرن تي حملي ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني هئي، جنهن کانپوءِ ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير تنيو ٻه اي پي سي چين بڪتر بند گاڏيون ۽ پوليس نفري رهڙڪي واري مندر تي مقرر ڪري ڇڏي.
جڏهن ته ڊي آءِ جي سکر جاويد جسڪاڻي مندر پهچي سيڪورٽي جو جائزو پڻ ورتو.