يورپي پارليامينٽ ۾ ڀارت ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي مذمتي قرارداد منظور

news-details

برسلز: (جمعو: 14 جولاءِ 2023ع) ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي فرانس دوري کان اڳ يورپي پارليامينٽ ڀارت م انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي مذمتي قرارداد منظور ڪري ورتو.
يورپي پارليامينٽ ڀارت کان نسلي ۽ مذهبي تشدد تُرت روڪڻ ۽ مذهبي اقليتن کي تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو به ڪيو.
يورپي پارليامينٽ يورپي يونين ۽ ڀارت وچ ۾ واپار سميت ڀائيواري جي سڀني شعبن کان انساني حقن کي سلهاڙن جو مطالبو به ڪيو آهي.
يورپي قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت ۾ عدم برداشت رياست مني پور جي نسلي فسادن ۾ مُک ڪردار ادا ڪيو، ڀارت ۾ هندو اڪثيريت پسندي کي هٿي ڏيندڙ نفرت فرق ڪندڙ پاليسين جي ڳڻتي آهي.
قرارداد ۾ يورپي يونين جي ميمبر ملڪن کان ڀارت ۾ اظهار راءِ جي آزادي ۽ مذهبي آزادي لاءِ اعليٰ سطح تي آواز اٿاريندو رهڻ جو به چيو ويو آهي.
مني پور رياست ۾ جاري نسلي ۽ مذهبي فسادن ۾ هيل تائين 142 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ۽ 54 هزار کان وڌيڪ بي گھر ٿي ويا آهن.