پاڪستان ڀارت ضرور وڃي ۽ ورلڊ ڪپ کٽي موٽي: شاهد آفريدي

news-details

ڪراچي: (جعمو: 14 جولاءِ 2023ع) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي چيو آهي ته ڀارت ۾ شيڊيول ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان وٽ بهترين ٽيم آهي، ڪو سبب ناهي ته ٽيم فائنل تائين نه پهچي.
مقامي ٽي وي چئنل کي انٽرويو ڏيندي شاهد آفريدي چيو ته ورلڊ ڪپ ۾ منهنجي ٽاپ فور ٽيمن ۾ پاڪستان، ڀارت، انگلينڊ ۽ آسٽريليا شامل آهن، مون کي لڳي ٿو ته قومي ٽيم ۾ وڌيڪ تبديلين جي ضرورت ناهي، اسان جي بالنگ، بيٽنگ ۽ اسپن ڊپارٽمينٽ سٺو آهي.
هن چيو ڀارت ۾ پريشر هوندو آهي، مان اتي ڇڪا هڻندو هيس ته ڪير تاڙي نه وڄائيندو هو، بينگلور ۾ ڪاميابي کانپوءِ ٽيم تي پٿراءُ به ٿيو پر پريشر جو پنهنجو مزو هوندو آهي.
سندس چوڻ هو ته ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستان کي ڀارت وڃڻ جو بائيڪاٽ نه ڪرڻ گهرجي پر ٽيم ڀارت ضرور وڃي ۽ اتان کٽي واپس موٽي.