سنڌي شاگردياڻي جو وڏو ڪارنامو، ناسا جي پراجيڪٽ لاءِ رواني ٿيندي

news-details

ڪراچي: (جعمو: 14 جولاءِ 2023ع) جيتوڻيڪ پاڪستان ڪيترن ئي چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ عورتن کي به زندگي ۾ مختلف چئلينجز کي منهن ڏيڻو پوندو آهي پر انهن سڀني حالتن ۾ مردن سان گڏوگڏ پاڪستاني عورتون به سڄي دنيا ۾ ڪنهن کان گهٽ نه آهن.
ملڪ جون ڪيتريون ئي عورتون آهن جن ڏکيا چئلينج قبول ڪندا اهڙا ڪارناما انجام ڏنا آهن جن جو پڙاڏو سڄي دنيا ۾ ٻڌو ويو آهي.
اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو ۽ ملالا يوسفزئي سميت ٻين عورتن کي دنيا جي بااثر عورتن جي فهرستن ۾ شامل ڪيو ويندو رهيو آهي.
راندين جي ڳالهه ڪجي ته پاڪستان جون جبل چاڙهو عورتون ڪيتريون ئي چوٽيون سر ڪري پاڪستان جو جهنڊو چوٽين تي ڦڙڪائي چڪيون آهن ۽ ملڪ لاءِ ڪيترائي اعزاز کٽي چڪيون آهن.
سنڌ صوبي ۾ جيتوڻيڪ تعليمي نظام ايترو مضبوط نه آهي جيتري ضرورت آهي پر تنهن هوندي به جاکوڙي ڪردار پنهنجي جدوجهد ذريعي نروار ٿين ٿا.
سنڌ جون اهڙيون ناريون تازو سي ايس ايس جي امتحان ۾ پاس ٿيون ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر هنن ان ڳالهه جو ثبوت ڏنو ته هو ڪنهن کان گهٽ نه آهن.
تازو ٽنڊو آدم جي رهواسڻ شاگردياڻي هڪ تخليقي چشمو ايجاد ڪيو آهي.
بسما مصطفيٰ سولنگي پنهنجي گروپ سان گڏجي ننڊ اچڻ تي ڊرائيور کي هوشيار ڪري جاڳائڻ وارو چشمو تيار ڪيو آهي.
سندس اهڙي ڪامياب تجربي کانپوءِ هاڻي هوءَ ناسا جي پراجيڪٽ ۾ گروپ سان گڏ آمريڪا رواني ٿي رهي آهي.
ٻين نياڻين جيان سنڌ جي هن نياڻي به پنهنجي قابليت جي بنياد ملڪ جو نالو روشن ڪيو آهي جنهن جي ساراهه ڪئي پئي وڃي.