اي آءِ ٽيڪنالاجي ماڻهن جون نوڪريون چٽ ڪري ڇڏيندي، چيٽ جي پي ٽي باني جو چتاءُ

news-details

واشنگٽن: (خميس: 27 جولاءِ 2023ع) آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) ٽيڪنالاجي جي تازي اڳڀرائي سبب ماڻهن ۾ خدشو پيدا ٿيو آهي ته سندن نوڪريون خطري ۾ آهن.
هاڻي چيٽ جي پي ٽي جهڙي مقبول ترين اي آءِ چيٽ بوٽ تيار ڪندڙ ڪمپني اوپن اي آءِ جي باني سام آلٽمين ان خيال جي تصديق ڪئي آهي.
هڪ انٽرويو دوران سام اآلٽمين چيو ته هٿرادو ذهانت سبب ڊپ محسوس نه ڪرڻ چريائپ هوندي.
هن چيو ته يقينن اي آءِ ٽيڪنالاجي سبب ڪجهه شعبن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن کي پنهنجون نوڪريون وڃائڻيون پونديون.
هن وڌيڪ چيو ته هٿرادو ذهانت تي ڪم ڪندڙ ڪيئي ماڻهو ظاهر ڪندا آهن ته سڀ ڪجهه سٺو ٿيندو ۽ ڪنهن کي به پنهنجي جاءِ ڇڏڻي نه پوندي، پر حقيقت ته اِها آهي ته ڪجهه نوڪريون يقينن ختم ٿي وينديون.
نومبر 2022ع ۾ چيٽ جي پي ٽي کي متعارف ڪرائڻ کانپوءِ سموري دنيا ۾ ٽيڪنالاجي ڪمپنين اي آءِ تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.
سام آلٽمين چيو ته اي آءِ جي وسيع پئماني تي پکڙجڻ سان نيون نوڪريون پڻ پيدا ٿينديون، هن اميد ظاهر ڪندي چيو ته جيڪي ماڻهو اي آءِ ٽيڪنالاجي سبب متاثر ٿيندا، اميد آهي ته کين وڌيڪ بهتر ملازتمون ملي وينديون.