حيدرآباد: (جمعو: 11 آگسٽ 2023ع) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ کاڌي پيتي جي شين ۾ واڌ ۽ مهانگي خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.
جيڪب آباد ۾ ترقي پسند ھائوس جي سڏ تي ڪارڪنن ۽ سهرين عبدالستار جاگيراڻي، نظام مستوئي، خادم سرڪي، عبدالغفور ٿھيم ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهر جي مختلف رستن کان ٿيندي پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي حڪومت خلاف نعريبازي ڪئي.
ڪنڌڪوٽ ۾ سوين ڪارڪنن ضلعي صدر اڪرم باجڪاڻي، شربت نندواڻي، امداد کوسو، عصمت الله ملڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو.
باڊه ۾ به ڪامريڊ قادر بروهي، ڪامريڊ اصغر نوناري، شمس الدين پنهور ۽ خان ڏهوٽ جي اڳواڻي ۾ باڊهه ميڊيا هائوس کان ٽائون هال تائين ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو.
دوڙ ۾ ضلعي نائب صدر رفيق احمد ملاح، تعلقي صدر ظفر بروهي، جنرل سيڪريٽري امداد ڏاهري، فناس سيڪريٽري امين چانڊيو، طالب حسين ميراڻي، حبيب ﷲ رستماڻي، نورل جمالي، نادر زرداري، جوگل مري، لعل بخش ديناري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ترقي پسند هائوس کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي حڪومت خلاف نعريبازي ڪئي.
خيرپور ناٿن شاهه ۾ به ايس ٽي پي اڳواڻن فقير علي حسن جانوري، سڪندر کوکر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بلوچ پمپ کان پريس ڪلب تائين ھٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ جھنڊا کڻي احتجاجي مظاهر ڪيو ويو.
ان موقعي تي سمورن اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته حڪومت روز مره ۽ کاڌي پيتي جي شين جا ريٽ وڌائي ڏهاڙي ڌار مزدورن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. مهانگائي سبب ڏوهي وارداتن ۾ به اضافو ٿيو آهي. پي ڊي ايم حڪومت پنھنجي ڏيڍ سال دوران عوام کي ڪوبه رليف نه ڏئي سگھي. ملڪ جي عوام ھن وڌندڙ مھانگائي کان بيزار ٿي خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي وئي آھي.
وڌيڪ ھنن جو چوڻ ھو ته سنڌ جا حڪمران پنھنجي ڪرپشن خاطر سنڌ جا وصيلا وڪرو ڪرڻ لاءِ سندرا ٻڌي ڇڏيا آھن، سنڌ جو عوام سند جي وسيلن سان ھٿ چراند نه ٿيڻ ڏيندو.
هنن چيو ته هڪ طرف ملڪ ۾ مهانگائي جو طوفان آهي ته ٻئي طرف منافعي خور واپاري عوام کي ٻنهي هٿن سان ڦري رهيا آهن.
هنن مطالبو ڪيو ته ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي تي ڪنٽرول ڪري غريب عوام کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.