خيرپورناٿن شاهه: (آچر: 13 آگسٽ 2023ع) خيرپورناٿن شاھ ڀرسان زمين جي پراڻي تڪرار تان ڳوٺ ريجهپور ۾ سولنگي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، ڏنڊا ۽ ڪهاڙيون لڳڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو.
سولنگي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران ڏنڊا ۽ ڪهاڙيون لڳڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو آھي جڏھن ته 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا آھن
زخمين ۾ ھڪ ڌر جا 65 ورهين جو سڪندر سولنگي، محمد علي سولنگي، آصف علي سولنگي جڏهن ته ٻي ڌر مان احمد علي سولنگي، حبيب الله سولنگي، محمد نواز سولنگي زخمي ٿي پيا.
زخمين مان 65 ورهين جي سڪندر سولنگي جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب کيس وڌيڪ علاج لاء سيوهڻ اسپتال رفر ڪيو ويو، جتي ھو زخمن جي سٽ نه سھندي فوت ٿي ويو، جڏھن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي نه ئي جوابدار گرفتار ٿي سگھيا آهن.