سکر: (آچر: 13 آگسٽ 2023ع) سکر ۾ ايس ايس پي آفيس ڀرسان منگي ۽ چاچڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ فائرنگ سبب هڪ نوجوان قتل جڏهن ته هڪ زخمي ٿي پيو. پوليس 6 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.
پوليس موجب عبدالحليم چاچڙ ۽ شعيب منگي وچ ۾ پراپرٽي جي ڏيتي ليتي ٿيل هئي ان جا پئسا شعيب منگي ڏانهن رهيل هئا جنهن سبب واقعو پيش آيو آهي. پوليس موجب عبدالحليم چاچڙ واري ڌر شعيب منگي جي جڳهه ۾ ويٺلن کان منگي ڌر جا جوابدار جڳهه خالي ڪرائڻ آيا هئا جنهن دوران فائرنگ سبب نوجوان عبدالرزاق چاچڙ قتل ٿي ويو آهي جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.
واقعي بعد پوليس 6 ڄڻا گرفتار ڪري ورتو آهي جڏهن ته فوت ٿي ويل جو لاش پوليس تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي.