وڏي وزير سان اپوزيشن ليڊر جي ملاقات، نگران وڏي وزير جو فيصلو نه ٿي سگھيو

news-details

ڪراچي: (آچر: 13 آگسٽ 2023ع) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ سنڌ اسيمبلي جي اپوزيشن ليڊر رعنا انصار وچ ۾ ٿيل ٻين ملاقات ۾ به صوبي جي نگران وڏي وزير جو فيصلو نه ٿي سگھيو.
وڏي وزير مراد علي شاهه سان ملاقات کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي اپوزيشن ليڊر رعنا انصار چيو ته اڄ ٻين ملاقات هئي، ڪوشش آهي ته اهڙو نالو سامهون اچي جيڪو سنڌ جي عوام لاءِ ڪم ڪري سگھي.
رعنا انصار جو چوڻ هو ته نگران وڏي وزير لاءِ ڪيترائي نالا هئا، نالن تي مشاورت لاءِ وقت گھربل آهي، وڏي وزير جيڪي نالا ڏنا آهن ان تي مشاورت ڪنداسين، جي ڊي اي طرفان به نگران وڏي وزير لاءِ نالا آهن، ڪوشش هوندي ته ڪنهن هڪ نالي تي اتفاق ٿي وڃي.
هن چيو ته اسان جي ليڊرشپ مشاورت کان پوءِ سڀاڻي نالو ڏيندي، جيڪو نالو ليڊرشپ اسان کي ڏيندي اهو سڀاڻي پيش ڪنداسين، سڀاڻي وڏي وزير سان وري ملاقات ٿيندي ۽ اميد آهي ته سڀاڻي نالو فائنل ٿي ويندو.
سندس چوڻ هو ته نگران وڏي وزير لاءِ جيڪي به نالا آهن سڀ احترام جوڳا آهن، جيترا هتي مائيڪ آهن اوترا نالا ڏنا ويا آهن، جيڪڏهن ڪنهن نالي تي اتفاق نه ٿيو ته معاملو پارلياماني ڪميٽي ۾ ويندو.