گوگل به پاڪستانين جي جشن ۾ شريڪ، آزادي جي ڏهاڙي تي ڊوڊل تبديل ڪري ڇڏيو

news-details

اسلام آباد: (سومر: 14 آگسٽ 2023ع) سرچ انجن گوگل به پاڪستان جي آزادي واري ڏهاڙي تي پنهنجو ڊوڊل تبديل ڪري ڇڏيو آهي. 14 آگسٽ 2023 جي حوالي سان گوگل منفرد لوگو ڊيزائن ڪندي ان جي تفصيلن کان به آگاهه ڪيو آهي.


ٽيڪنالوجي ڪمپني گوگل هلندڙ سال به جشن آزادي ملهائيندي پاڪستانين سان گڏ آهي، آزادي جي حوالي سان پنهنجي ڊوڊل کي تبديل ڪرڻ جي روايت کي برقرار رکندي هن سال منفرد ڊوڊل پيش ڪيو آهي جنهن ۾ سنڌو درياءَ مان ملندڙ ناياب ڊولفن ۽ پاڪستاني قومي جهنڊي تي سائي رنگ جو استعمال ڪيو ويو آهي.


گوگل طرفان ڊيزائين جي تفصيل بابت ٻڌايو ويو آهي ته 14 آگسٽ تي خصوصي طور تي تبديل ڪيل آرٽ ورڪ ۾ ڏندن واري وهيل جي هڪ قسم کي ڏيکاريو ويو آهي. جڏهن ته پاڪستاني صارفين کي آزادي جي ڏهاڙي تي مبارڪباد ڏيندي لکيوويو آهي ته آزادي جو ڏهاڙو مبارڪ هجي پاڪستان.


ياد رهي ته گوگل ان کان اڳ به پاڪستان جي قومي ڏهاڙي تي مختلف طرح جا خوبصورت ۽ منفرد ڊوڊل تبديل ڪندو رهيو آهي.


ياد رهي ته گوگل جي شروع کان وٺي اها روايت رهي آهي ته اها دنيا جي مختلف ملڪن جي اهم ثقافتي ۽ قومي ڏهاڙن جي حوالي سان ڊوڊلز پيش ڪندو آهي