ڪراچي: (اڱارو: 15 آگسٽ 2023ع) سنڌ هاءِ ڪورٽ خيرپور ۾ ٻارن سان زيادتي ڪيس جي جوابدار سارنگ شر کي آزاد ڪرڻ وارو ٽرائيل ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو جنهن کان پوءِ پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ خيرپور ۾ ٻارن سان زيادتي واري ڪيس جي جوابدار سارنگ شر جي ٽرائل ڪورٽ مان آزادي خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ پوليس پنهنجي رپورٽ پيش ڪئي.
پوليس طرفان پيش ڪيل رپورٽ موجب سارنگ شر تي قتل، ملڪيت تي قبضا ۽ ٻارن سان زيادتي جا 8 ڪيس داخل ٿيل آهن. اهڙن ڪيسن خلاف جوابدار ٺاهه ڪري پنهنجا ڪيس ختم ڪرائي ڇڏيا آهن.
ٻڌڻي دوران ايڊيشنل پراسيڪيوٽر چيو ته ننڍي عمر جي ٻارن سان زيادتي واري ڪيس ۾ صلح نٿي ٿي سگهي. ٽرائل ڪورٽ ثبوتن کي نظر انداز ڪيو، يو ايس بي ۾ به اهم ثبوت ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش ڪيا ويا پر انهن کي به نظر انداز ڪيو ويو.
عدالت سنڌ جي آءِ جي کي هدايت ڪئي آهي ته ٻارن سان ريپ بابت يو ايس بي جو 2 مهينن ۾ فرانزڪ ڪرايو وڃي. پاڪستان ۾ فرانزڪ ليب نه آهي ته پرڏيهه مان فرانزڪ آڊٽ ڪرائي وڃي. جڏهن ته عدالت يو ايس بي کي به فوري طور تي تحويل ۾ وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
عدالت ريمارڪس ڏنا ته يورپ جهڙي خطي ۾ شراب جي سڀني کي اجازت آهي پر استاد نٿو پي سگهي پر هتي استاد ٻارن سان زيادتي ڪري رهيو آهي ۽ پوءِ آزاد به ٿي وڃي ٿو. قرآن تي فيصلو ڪيو ويو جنهن کان پوءِ جوابدار کي ٽرائل ڪورٽ ڇڏي ڏنو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ٽرائل ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪري جوابدار سارنگ شر کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو جنهن تي پوليس سارنگ شر کي عدالت جي ڪمري ٻاهران گرفتار ڪري ورتو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ٽرائل ڪورٽ جو ڪيس ٻيهر هلائڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
ياد رهي ته هن ڪيس ۾ خيرپورميرس جي جوڊيشل مئجسٽريٽ ڌرين وچ ۾ صلح جي درخواست منظور ڪئي هئي پر سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪيس جي فيصلي جو سرڪاري درخواست تي نوٽيس ورتو هو.