سکر: (اڱارو: 15 آگسٽ 2023ع) سينئر صحافي شهيد جان محمد مهر جي قاتلن, سهولتڪارن ۽ سرپرستن جي گرفتاري لاء صحافي، وڪيل، سياسي, سماجي، شھري ۽ واپاري تنظيمون سراپا احتجاج بڻجي ويون سکر پريس ڪلب کان احتجاجي ريلي ڪڍي ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي وئي.
سکر يونين آف جرنلسٽس جي سڏ تي سکر، لاڙڪاڻو ۽ حيدر آباد ڊويزن جي صحافين سکر جي سياسي سماجي شهري تنظيمن جي اڳواڻن پاران سکر پريس ڪلب کان ايس يو جي جي صدر امداد بوزدار جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ڌرڻي ۾ پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي خزانچي لالا اسد پٺاڻ، خصوصي طور تي شرڪت ڪئي. جڏھن ته ڪراچي کان آيل سينئر صحافين وحيد راڄپر، احسان لاشاري، حيدر آباد جي سينئر صحافين جئه پرڪاش موراڻي، اقبال ملاح، لاڙڪاڻو، خيرپور، شڪارپور، جيڪب آباد، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور سميت روهڙي، پنو عاقل، صالح پٽ سميت ننڍن وڏن شھرن جي صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي ڌرڻي ۾ شريڪ اڳواڻ لالا اسد پٺاڻ، ايڊووڪيٽ قربان ملاڻو، اقبال ملاح، احسان لاشاري، وحيد راڄپر، جئه پرڪاش، امداد بوزدار ۽ ٻين چيو ته شھيد جان محمد مهر سموري سنڌ جي مظلوم ماڻھن جو آواز هيو کيس سکر جي مصروف ترين علائقي ڪوئنس روڊ وٽ سر عام گوليون هڻي قتل ڪرڻ سخت مذمت جوڳو عمل آهي هنن چيو ته جان محمد مهر جي قتل واري واقعي تي پوليس جو ڪردار شڪي لڳي ٿو سکر پوليس شهيد جان محمد مهر جي قاتلن, سهولتڪارن ۽ سرپرستن کي بچائي رهي آهي جنهن جي مذمت ڪيون ٿا.
هنن مطالبو ڪيو آهي ته شھيد جان محمد مهر جي قتل واري واقعي جي جاچ اعلي سطحي جوڊيشل انڪوائري ڪرائي جي آئي ٽي جوڙي وڃي جنهن ۾ صحافين ۽ وڪيلن کي به شامل ڪيو وڃي صاف شفاف انڪوئري ڪري واقعي جون اصل حقيقتون سامهون آڻي قاتلن, سهولتڪارن ۽ سرپرستن کي وائکو ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ ڊي آئي جي آفيس، آءِ جي سنڌ, سي ايم هائوس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو.