سکر: (اڱارو: 15 آگسٽ 2023ع) سکر جي صحافي شهيد جان محمد مهر جي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پوليس شڪ جي بنياد تي 20 کان وڌيڪ ماڻهن کي پڻ حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي.
ذريعن موجب سکر جي سي سيڪشن ٿاڻي تي شهيد صحافي جان محمد مهر جي وڏي ڀاءُ جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو، ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم به شامل ڪيا ويا آهن.
ڪيس ۾ 6 سڃاتل ۽ ٽن اڻڄاتل جوابدارن سميت 9 ڄڻا نامزد ڪيا ويا آهن.
دهشتگردن جي سهولتڪاري ۾ ڄاڻايل جوابدارن ۾ شيرل مهر، منور، بخش علي عرف بخشو، بابر، محسن، جمال الدين ۽ سهيل شامل آهن.
ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم شامل ڪيا ويا آهن.
ٻئي پاسي ايس ايس پي سکر دعويٰ ڪئي آهي ته شڪ جي بنياد تي 20 کان وڌيڪ ماڻهن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي، اصل قاتلن جي ويجهو پهچي ويا آهيون.