سکر: شهيد جان محمد مهر جي قتل ۾ ملوث ٻه جوابدار گرفتار

news-details

سکر: (اربع: 16 آگسٽ 2023ع) سکر پوليس سينيئر صحافي شهيد جان محمد  جي قتل ڪيس ۾ گهربل ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.


ايس ايس پي سکر سنگهار ملڪ موجب ڪيس ۾ گهربل ٻن جوابدارن بخش علي عرف بخشو مهر ۽ بابر مهر کي گرفتار ڪري ورتو آهي.


ايس ايس پي موجب گذريل رات پوليس جي ڇاپا مار ڪارروائي ۾ ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. جن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، جسماني ريمانڊ حاصل ڪرڻ بعد جاچ جو دائرو به وسيع ڪيو ويندو.  سينيئر صحافي جان محمد مهر جي شھادت ناقابل تلافي نقصان آهي ۽ ان عمل ۾ ملوث سمورا جوابدار گرفتار ڪيا ويندا.


هوڏانهن سنڌ سرڪار به ايس ايس پي سکر جي سربراهي ۾ هڪ جي آءِ ٽي جوڙي ڇڏي آهي. گڏيل جاچ ٽيم ۾ آءِ ايس آءِ، ايم آءِ، آءِ بي ۽ ٻيا اهلڪار شامل هوندا. جي آءِ ٽي کي 30 ڏينهن اندر جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.