جيئي سنڌ محاذ چئيرمين (جڙانوالا) واقعي خلاف مسيحي برادري سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ لاءِ سول لائين حيدرآباد پهتو

news-details

حيدرآباد: (جمعو: 18 آگسٽ 2023ع) جيئي سنڌ محاذ چئيرمين رياض علي چانڊيو، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري پنهل جمالي، ڊاڪٽر خوشحال داس راوت خان چانڊيو نظير شيخ ۽ ٻين ڪارڪنن سميت فيصل آباد (جڙانوالا) عيسائين جي گرجا گهرن ۽ مسيحي برادري جي ماڻهن جي گهر کي باهيون ڏيڻ جي واقعي خلاف مسيحي برادري سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ لاءِ سينٽ ٿومس ڪيٿيٽل چرچ سول لائين حيدرآباد پهتو، مسيحي اڳواڻن جناب بيشپ ڪليم جان، پادري ڊاڪٽر ڊينيل فياض، عمران جوزف گل، پادري لومز عنايت ۽ ٻين پادرين آڌر ڀاءُ ڪيو.
مسيحي برادري سان افسوس ناڪ واقعي تي يڪجهتي جو اظهار واقعي تي هڪ منٽ خاموشي اختيار ڪئي وئي.
ان موقعي تي جيئي سنڌ محاذ چئيرمين رياض علي چانڊيو ڳالهائيندي چيو ته شاهه لطيف ۽ سائين جي ايم سيد جا پيروڪار دنيا جي مذهب ۽ انسانن سان پيار ڪندڙ آهن ۽ هن افسوس ناڪ واقعي تي تمام گهڻا ڏڪارا آهن. هن چيو ته اسان صدين کان فطرتن روادار ۽ سيڪولر قوم آهيون، سنڌ جا ماڻهون ڪنهن سان به رنگ نسل يا مذهب جي بنياد تي سنڌ جي ماڻهن انساني تاريخ ۾ ڪڏهن اسان نفرت ناهيون ڪندا. سنڌ جا ماڻهون ڪنهن زبان سان نفرت نٿا ڪن اها اسان جي تاريخ ناهي رهي ان حوالي سان مسيحي برداري سان سڄي سنڌ هن ڏک جي گهڙي ۾ گڏ آهي. هن وقت جيئي سنڌ محاذ جي قيادت ڪليسا ۾ آيا آهيون، جيزس جي سامهون بيهي ڪري دنيا کي ٻڌائي سگهون ته پيار امن محبت برابري جي ضرورت آهي، هي اها وحشانيت آهي، جيڪا ناقابل معافي آهي، ڪڏهن ڪوهاٽي گيٽ پشاور ۾ گرجا گهر ساڙيو ڇڏين، ڪڏهن سنڌ ۾ مندر ساڙي ڇڏين ٿا، ڪڏهن معصوم هندو نياڻين ۽ ڪرسچن نياڻين کي کڻي جبري مذهب تبديل ڪن ٿا جن لاءِ قانونسازي ڪئي وئي آهي ته گهٽ عمر واري نياڻين جي شادي تي بندش آهي. ان باوجود به جبر جي بنياد تي مذهبي انتهاپسند پيغمبر خدا جي تعليمات فڪر ۽ نظريات جي خلاف ويندي معصوم نياڻين اغوا ڪري سمجهن ٿا ته اسان ڪو قلعو فتح ڪيو ٿا هو چاهين تا ته غيرمذهب هتان لڏي وڃن اسان غيرمذهبن کي اقليت نٿا تسليم ڪريون سائين جي ايم سيد جو واضح موقف آهي ته مذهب جي بنياد تي ڪنهن کي اقليت نٿا سمجهون توهان برابر جا شهري آهيو سنڌ جا وارث آهيو توهان کي خبر هوندي ته ڪجهه ڏيهن اڳ هتان جي عورت هندستان هلي وئي هئي انکانپوءِ هتي جا ڏوهاري ڌاڙيل ماڻهون جيڪي ڀنگ جي عيوض ماڻهون اغوا ڪن ٿا ۽ انسان جي ڌنڌو ڪن ٿا انهن ماڻهن ڪشمور ۾ مندرن تي راڪيٽ حملا ڪيا تڏهن به جيئي سنڌ محاذ حيدرآباد ۾ چوويهه جولائي تي وڏي ريلي ڪڍي هئي ۽ خصوصن سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪيا هئا ته مندر مسجد امام بارگاهه ۽ گرجاگهر هڪ جهڙا آهن جتي انسان خدا جي سامهون عبادت ڪن ٿا.
هن وڌيڪ چيو ته هي اهوئي حڪومت جي پلانگ جو نتيجو آهي مدرسا انڊسٽريز ۽ نصاب جي اندر انتهاپسند جي تعليمات فرقي واري تعليم جو نتيجو آهي، جيڪو فيصل آباد ۾ ظاهر ٿيو آهي. حڪمران سڌرڻ لاءِ تيار ناهن، اسين مطالبو ٿا ڪريون ته هي نصاب فوري طور تي تبديل ڪيو وڃي، هي مدرسا ۽ ڏوهاري انڊسٽريز انتهاپسندي جي تعليم بند ڪئي وڃي، هي ڪافي ناهي ته جي آءِ ٽي جوڙي وئي آهي ۽ ماڻهون گرفتار ڪيا آهن، اسان چئون ٿا فيصل آباد واقعي تي عدالتي جاچ ڇونٿي ڪرائي وڃي گرجاگهر، چرچ مندر ساڙين ته جوڊيشل انڪوائري ناهي، چيزل سائين، شڪارپور جي امام بارگاهه قلندر شهباز يا نوراني تي بم ڌماڪا ٿين ٿا ته جوڊيشل انڪرائري ناهي ٿيندي. ڏوهارين کي سليماني ٽوپي پاتل آهي، جيڪي غائب ٿي ٿا وڃن. هي ڳالهه ۽ حڪمرانن جي لفاظي ڪافي ناهي معصوم نياڻي، ٻارن ۽ عورتن کي فيصل آباد جڙانوالا ۾ خوف سبب پنهنجا گهر گهاٽ ڇڏي فصلن ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. اهڙيون راتون ملڪ جو چيف جسٽس ۽ وزيراعظم پنهنجي ٻچن سان گذارين ته خبر پوي خوف ۾ رات ڪئين گذاربي آهي، اسان چئون ٿا ته اسلام سلامتي ۽ امن جو دين آهي مولوي حضرات رياست ۽ حڪومت ڪٿي آهن 76 سال ٿيا اهي ڪاروايون هلن ٿيو اسان جو مطالبو آهي ته توهين مذهب آئين جي شق ختم ڪئي وڃي هي قانون ڪڏهن هندو عيسائين ڪڏهن احمدين جي خلاف استعمال ٿا ڪريو ڪير سوچي سگهي ٿو ته پارليامنٽ جي اندر قرآن جون آيتون ۽ گيٽ تي ڪلمو لکيل آهي حڪمران قسم کڻي ڪلمي ۽ قرآن جي خلاف ڳالهيون ڪن ٿا ڪو هندو، ڪرسچن، احمدي پيغمبر خدا يا قرآن جي بيحرمتي جو سوچي به نٿا سگهن. گهوٽڪي جي اندر پروفيسر نوتن لال کي توهين مذهب جو ڪيس هڻي گرفتار ڪيو ويو آهي، جنهن جي سڄي زندگي دينيات جي تعليم ڏيندي گذري آهي. اسان مطالبو ڪريون ٿا سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي اڳواڻي ۾ فيصل آباد جڙانوالا واقعي جي انڪوائري ٿي، جنهن ۾ درجنن گرجاگهر ساڙيا ويا آهن. پوليس جي موجودگي ۾ ماڻهن جا گهر چرچ ساڙيا ويا آهن، اسان سمجهون ٿا ته هي واقعو انسانيت جي خلاف آهي سنگين جرم آهي هي گرجا گهر ڪرسچن مندر مسجد امام بارگاهون اسان جو آهن، حڪومت جيڪڏهن حقيقي معني ۾ تحفظ جي ڳالهه ڪن ٿا ته نصاب مان انتها پسندي ختم ڪئي وڃي.