ڪراچي: (اربع: 23 آگسٽ 2023ع) پاڪستان مسلم ليگ ن جي سينئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪالت ڪري عمران خان کي سٺو نٿو بڻائي سگهي.توشه خانه ڪيس ۾ عمران خان طرفان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پاڪستان رمارڪس ڏنا ته توشه خانه ڪيس ۾ ٽرائل ڪورٽ جو حڪم درست ناهي، جيڪڏهن ڪو فيصلو درست ناهي ته اسان ان ۾ مداخلت ڪري سگهون ٿا.چيف جسٽس عمر عطا بنديال جو وڌيڪ چوڻ هو ته سڀاڻي تائين اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جو انتظار ڪيون ٿا ، ان کانپوءِ ڪيس جي ٻڌڻي ڪنداسين.جنهن تي مريم نواز سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته چيف جسٽس پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪالت ڪري عمران خان کي سٺو نٿو بڻائي سگهي.مريم نواز وڌيڪ لکيو ته ائين ڪرڻ سان چيف جسٽس پاڪستان جي ساک متاثر ٿيندي.